هاڻ نه اهي باغ رهيا آهن نه وري انهن جا مالهي نه وري گل جيڪي خوشبو ڪندا هئا نه وري اهي ماڻهو ئي رهيا آهن جيڪي قرب ڏيندا هئا سڏي سڏي۔نه وري اهي چاچا ڀائٽيا ڀاڻج ماما پڦيون ماسيون چاچيون سئوٽ ماسات جيڪي وک وک تي پيا قربان ٿيندا هئا۔ ڪنهن عزيز دوست جي گهر وڃبو هو ته رات رهائڻ يا مانجهاندو سانجهاندو يا نيرن ڪرائڻ بنا نه ڇڏيندا هئا۔هاڻ نه اهي ڇپر رهيا آهن نه وڻن جي ڇانو جن جي هيٺان ويهي قدرتي ايئر ڪنڊيشند وارو مزو وٺي آرام ڪبو هو۔ظالمن اهي وڻ وڍي زمين کي ٺپ ننگو ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻ نٽهڻ اس کائي ٿي ۔ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن جي کوٽ ٿي چڪي آهي جيڪا مفت ۾ ملندي هئي هاڻ اها به اڻلڀ آهي ۔اسپتالن ۾ ته ملي ٿي پر ايتري ته مهانگي هوندي آهي جو مريض جو رهيل کهيل ساهه به نڪريو وڃي۔
اڳ ۾ ماڻهن جو پاڻ ۾ قرب هوندو هو ڏک سک جا ساٿي هوندا هئا هاڻ نه اهو قرب رهيو آهي نه ڏک سک جو احساس ڇاڪاڻ ته اهي اوطاقون اهي وٿاڻ ئي ناهن رهيا جتي ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا هئا ڪچهريون ڪندا هئا ڏور بيت چوندا هئا ڳجهارتون ڏيندا ۽ ڀڃيندا هئا راڳ رنگ ٿيندو هو يڪتارن جون تارون سازينديون هيون پيار محبت وارا سر نڪرندا هئا جنهن ۾ پري پري جا مهمان به ڪهي ايندا هئا مهمانن کي جلدي نه ڇڏبو هو کين ترسائبو هو هاڻ نه اهي مهمان رهيا آهن نه وري ميزبان۔جڏهن مهمان ايندا ويندا هئا ته گهرن ۾ برڪت به پوندي هئي ماڻهو بيمار به نه ٿيندا هئا سئو سال کان به مٿي عمر جا ٿي ويندا هئا جن کي مون گاهه جون ڀريون مٿي تي ڍوئيندي ڏٺو جنهن جو مک ڪارڻ اهو هو جو ماڻهو مصروف رهندو هو پنهجائپ وارو ماحول هجڻ ڪري فڪر ۽ پريشانين کان آجا رهندا هئا جڏهن ته هاڻ آجا ناهن رهيا قرب لڏي ويو آهي۔هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته ماڻهو قسمت سان جڏهن به هڪٻئي ڏانهن مهمان ٿي ويندا هئا ته ڪا نه ڪا کاڌي پيتي واري سوکڙي کنيو ويندا هئا يا هڪٻئي کي ۽ انهن جي ٻارڙن کي خرچي ڏيندا هئا جنهن سان به قرب وڌندو هو نفرتون نه هونديون هيون جيڪي هاڻ ناهن رهيون۔