لاهور (بيورو) پنجاب ۾ انگريزن جي دور کان لاڳو 153 سال پراڻي ڪرسچن ميرج ايڪٽ 1872ع ۾ بنيادي تبديلين لاءِ نئون بل 2026ع پنجاب اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. هي بل اقليتي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيلبوس ڪرسٽوفر پرائيويٽ ميمبر طور جمع ڪرايو. وزيراعظم مريم نواز جي خصوصي دلچسپيءَ سان تيار ڪيل هن بل تحت، هاڻي مسيحي برادريءَ ۾ شاديءَ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي جو مسيحي هجڻ لازمي هوندو، جڏهن ته پراڻي قانون موجب ڪنهن هڪ جو مسيحي هجڻ ڪافي هو. شاديءَ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر پڻ وڌائي 18 سال ڪئي وئي آهي جيڪا اڳ ۾ ڇوڪرن لاءِ 16 ۽ ڇوڪرين لاءِ 13 سال هئي. نئين بل جي هڪ اهم ڳالهه شاديءَ جي سرڪاري رجسٽريشن آهي. هاڻي مسيحي شاديءَ کي نادرا ۽ يونين ڪائونسل جي رڪارڊ ۾ داخل ڪرائڻ لازمي هوندو، جنهن سان مسيحي برادريءَ جا رجسٽريشن بابت پراڻا مسئلا حل ٿيندا. پنجاب حڪومت وٽ رجسٽرڊ سمورن گرجا گهرن جا پادري شاديون ڪرائڻ جا مجاز هوندا.