حيدرآباد ۾ عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش مليا، جنهن مان هڪ عورت کي مبينا طور قتل ڪرڻ جو انڪشاف  يو، حيدرآباد ۾ ايڌي رضاڪارن کي ڪچي قلعي جي درگاهه ڀرسان 60 ورهين جي هڪ اڻڄاتل شخص ۽ حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ 40 ورهين جي نامعلوم شخص جا لاش مليا، ايڌي موجب موجب لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاش امانت طور سردخاني ۾ رکيا ويا، ايڌي موجب هڪ تازي ڄاول ٻار جو لاش سول اسپتال مان مليو، ٻئي پاسي نوراني بستي ۾ اقراءِ نالي عورت جو لاش مليو، پوليس موجب عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، قتل جي شڪ ۾ عورت جي مڙس ۽ سندس سهري کي حراست ۾ ورتو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.