ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ھاڻوڪن معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ھارين جي خوشحالي جي لاءِ فيول سبسڊي جي مد ۾ اھم سنگ ميل پار ڪري ورتو آھي، سڄي صوبي ۾ 3 لک 31 ھزار ھارين کي ھاري ڪارڊ ذريعي فيول سبسڊي ڏني وئي آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو تھ فيول سبسڊي ۾ مجموعي طور تي 3 ارب رُپيا شفاف نموني جاري ڪيا ويا، ھي سبسڊي 19 لک 40 ھزار ايڪڙ زرعي ايراضي لاءِ ڏني وئي آھي. ھن چيو تھ آبادگارن جي لاءِ فيول سبسڊي جو مقصد ھارين جي پيداواري خرچن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۽ سندن آمدني ۾ واڌارو يقيني بڻائڻ آھي، فيول سبسڊي جي سموري رقم تصديق ٿيل ڊيٽا جي بنيا تي سڌي ريت آبادگارن تائين منتقل ڪئي وئي آھي، سڌي ريت رقم جي منتقلي سان حڪومت طرفان سئو سيڪڙو شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آھي. هن چيو تھ سنڌ حڪومت جي آبادگار ۽ ھاري دوست پاليسين جا ھاڪاري نتيجا سامھون اچي رھيا آھن،