اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اي اين پي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته پاڪستان جي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته سڀ کان پهرين جيڪڏهن ايران جي قوم تي نظر وجهون ته ڇا شاندار قوم آهي، اهڙي قوم جنهن سڄي دنيا کي ڏيکاريو ته قوم ڇا هوندي آهي، قوميت جو جذبو ڇا هوندو آهي، ۽ ان لاءِ ڪهڙي حد تائين وڃجي ٿو. اها قوم جنهن لاءِ حضرت امام حسين جي شهادت هڪ مثال آهي، ۽ جيڪا شهادت تي فخر ڪري ٿي.اسان ڏٺو ته ان قوم جا مرد ۽ عورتون ڪيتري بهادري سان پنهنجي وطن، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم لاءِ نڪتا. هن چيو ته اسان کي اڄ آمريڪا يا ايران جي ڪردار تي بحث ڪرڻ بدران هن ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته پاڪستان اڄ دنيا ۾ امن جو نشان بڻجي اڀريو آهي.اڄ اسين، اپوزيشن وارا، فخر سان چئون ٿا ته هن صورتحال ۾ حڪومت جو ڪردار، وزيراعظم جو ڪردار، ۽ خاص طور پرڏيهي معاملن واري وزير ۽ سندس ٽيم جو ڪردار قابلِ ساراهه آهي،هن چيو ته .اسان چاهيون ٿا ته نفرت ختم ٿئي. جيڪڏهن پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا.اهڙي طرح ايران، افغانستان، چين ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان به ويهي ڳالهائڻو پوندو، ڪي پي، بلوچستان ، پنجاب ، سنڌ ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾اسان کي پنهنجي اندروني حالتن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان جي جمهوري ۽ سياسي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪي غلطيون ٿي چڪيون آهن، اهي ٿي ويون، پر هاڻي سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي مستقبل لاءِ ڪا واضح حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي.