سراج دراني ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست رد

ڪراچي(رپورٽر) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف غيرقانوني اثاثن جو ريفرنس جي ٻڌڻي  ٿي،عدالت نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته نيب چيئرمين طرفان ڏنل درخواست تي صحيحون درست نه هيون،گواھ هجڻ باوجود ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس ڇو نه پيو هلايو وڃي؟ اهڙو ڪو قانون موجود ناهي، چيئرمين نيب طرفان ڏنل درخواست سان گڏ منٽس جي ڪاپي به مهيا نه ڪئي وئي، عدالت چيو ته ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو آهي، اڪيلو چيئرمين نٿو ڪري سگهي، عدالت اهو به چيو ته ڪنهن به قانون ۾ اهو ناهي ته جوابدار جي فوت ٿيڻ بعد ڪيس ختم ڪيو وڃي، عدالت چيو ته ريفرنس ۾ ٻين جوابدارن خلاف به قانوني ڪارروائي هلائي سگهجي ٿي، عدالت نيب جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ڪنهن جوابدار جي فوت ٿيڻ بعد ڇا ٻين جوابدارن خلاف ڪيس نٿو هلي سگهي ؟ عدالت چيو ته ريفرنس ۾ جوابدارن خلاف گواهه پيش ڪيا ويا آهن، نيب جي وڪيل چيو ته مک جوابدارن کان پوءِ ٻين جوابدارن خلاف ثبوت نه مليا، نيب جي وڪيل چيو ته ٻيا جوابدار پبلڪ آفيس هولڊر نه هئا، ثبوت پيش نه ٿي سگهن ته پوءِ ڪيس ختم ڪرڻ کان بهتر آهي ته هاڻي ئي ختم ڪيو وڃي، عدالت چيو ته ڪنهن ٻئي ڪيس جو حوالو ڏيو جتي مک جوابدار جي فوت ٿيڻ بعد ٻين تي ڪيس ختم ڪيو ويو هجي، عدالت چيو ته سورهن ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جو فيصلو قانونن مطابق ڪري سگهجي ٿو، نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته مک جوابدار آغا سراج دراني ۽ ذوالفقار ڏهر فوت ٿي چڪا آهن، نيب آغا سراج دراني، سندس گهرڀاتين، ملازمن ۽ فرنٽ مينن خلاف 2019 ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو، آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن تي 2020 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو، جوابدارن ۾ آغا سراج دراني، شهباز دراني، صنم دراني، شمشاد خاتون، سلميٰ ارشاد ۽ سيد محمد شاهه سميت 20 جوابدار شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.