پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين تي ڀارت ۾ ماتم ڇانيل

نئين دهلي(عوامي آواز نيوز)ڀارت ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ ٻن هفتن جي جنگبندي جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، پر پاڪستان جو نالو وٺڻ يا ان جي ڪوششن جو ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي۔جتي دنيا جا ڪيترائي اڳواڻ پاڪستان جي ثالثي واري ڪوششن کي ساراهي رهيا آهن، اتي ڀارت جي پرڏيهي وزارت پنهنجي سرڪاري بيان ۾ نه رڳو ان کي نظرانداز ڪيو، پر ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ ممڪن ڳالهين بابت به خاموشي\اختيار ڪئي۔ڀارت جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جنگبندي جي فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا رکون ته ان سان اولهه ايشيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جيئن اسان اڳ به چوندا آيا آهيون، موجوده جنگ ختم ڪرڻ لاءِ جنگبندي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري ضروري آهي..بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته:هن جنگ سبب وڏي تباهي ٿي آهي ۽ عالمي سطح تي تيل، توانائي جي فراهمي ۽ واپاري نظام متاثر ٿيو آهي. ان کان اڳ جڏهن پاڪستان ثالث طور سامهون آيو هو ته ڀارت جي مخالف ڌرين ان کي سفارتي ڌڪ قرار ڏنو هو۔ڀارت جي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر چيو هو ته:ڀارت دلال يا بروڪر ملڪ بڻجڻ نٿو چاهي.”پاڪستان هن بيان کي سندس بيچيني سان ڳنڍيو هو۔ڀارت جي اپوزيشن ۽ تجزيه نگار پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي نظر آيا:ڪانگريس اڳواڻ راشد علوي چيو ته جيڪو پاڪستان ڪري ڏيکاريو، اهو ڀارت کي ڪرڻ گهرجي ها.” اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري نروپما مينن راؤ چيو:پاڪستان روايتي ٽياڪڙ  نه، پر هڪ اهم رابطو (چينل) طور سامهون آيو، جنهن ڳالهين جو رستو کليل رکيو.” تجزيه نگار اشوڪ سوئن جنگبندي کي ايران جي ڪاميابي ۽ پاڪستان لاءِ اعزاز قرار ڏنو۔ پاڪستان جنگ جي عروج دوران سفارتي چينل بند ٿيڻ نه ڏنو جنگبندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.