آمريڪا جنگ بندي لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ وڌو\برطانوي اخبار

لنڊن(عوامي آواز نيوز)ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پاسي ايران خلاف سخت بيان ڏيندا رهيا ۽ دعويٰ ڪندا رهيا ته تهران معاهدي لاءِ “منٿون ڪري رهيو آهي”، جڏهن ته ٻي پاسي آمريڪا عارضي جنگ بندي لاءِ ڪوششون به جاري رکيون.برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز مطابق ٽرمپ انتظاميه ڪيترن هفتن کان پاڪستان تي دٻاءُ وجهي رهي هئي ته اهو ايران کي عارضي جنگ بندي تي راضي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ آبناءِ هرمز  ٻيهر کولڻ ممڪن ٿي سگهي.اخبار موجب پاڪستان هڪ مسلم اڪثريتي پاڙيسري ۽ ثالث جي حيثيت سان ايران کي قائل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.اخبار ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ جاري بئڪ چينل سفارتي ڪوششن جو نتيجو اڱاري رات ان اعلان جي صورت ۾ نڪتو، جنهن ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران ٻن هفتن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو. اخبار موجب تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ايراني حڪومت جي غير متوقع مزاحمت سبب ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ 21 مارچ کان جنگ بندي جا خواهشمند هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.