آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ بندي بعد اسرائيل ۾ ٿرٿلو \نيتن ياهو تي تنقيد

تهران(م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عارضي جنگ بندي جي اعلان کان پوء اسرائيل جي سياست ۾ هلچل مچي وئي آهي، ۽ وزيراعظم بينجامن نيتن ياهو تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي،. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران سان ٻن هفتن جي جنگ بندي جي فيصلي کان پوء اسرائيلي اپوزيشن پاران نيتن ياهو تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. اسرائيلي اپوزيشن جي اڳواڻ يائر لپيد وزيراعظم نيتن ياهو کيجنگ بندي جي حمايت ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪندي ان کي هڪ وڏي ناڪامي قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته اسرائيل جي تاريخ ۾ اهڙي وڏي سياسي تباهي ڪڏهن به ناهي ڏٺي وئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جي قومي سلامتي سان ڳنڍيل اهم فيصلا ٿي رهيا هئا، ته اسرائيل ان ۾ شامل ئي نه هو. نيتن ياهو جي غرور، اسٽريٽجڪ منصوبابندي جي گهٽتائي ان نقصان جي ذميوار  آهي. هن اهو پڻ چيو ته اسرائيلي فوج ۽ عوام پنهنجو فرض صحيح طرح سان ادا ڪيو، پر حڪومت پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام رهي. فوج ان سڀني ڪم کي انجام ڏنو جيڪو ان کان اميد ڪئي وئي هئي، پر نيتن ياہو سياسي ۽ اسٽرٽيجڪ طور تي ناڪام ٿي ويا  هي تنقيد ان وقت سامهون آئي جڏهن نيتن ياهو جي آفيس کان اهو بيان جاري ٿيو ته اسرائيل آمريڪي صدر جي ايران تي حملا روڪڻ واري فيصلي جي حمايت ڪري ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.