اسلام آباد (بيورو) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، انڊسٽري ذريعن موجب خام تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽرول جي قيمت 55 رپيا في ليٽر تائين گهٽجي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 95 کان 100 رپيا تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت حتمي فيصلو وزيراعظم طرفان ڪيو ويندو فيصلو ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندو.