دنيا کي تباهي نه، پر ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر  وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي کي امن ڏانهن هڪ خوش آئند قدم قرار ڏيندي سڀني ڌرين طرفان فوري جنگبندي ڪرائڻ وارين ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دنيا کي تباهي نه، پر ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي؛ جنگ نه، پر دانائي سان ئي مسئلن جو حل نڪري سگھي ٿو. هن چيو ته جنگبندي ۾ اڳڀرائي خطي ۾ ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.