حڪومت پاران جمعي تي “يومِ تشڪر” ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) حڪومتِ پاڪستان ايندڙ جمعي تي “يومِ تشڪر” ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ذريعن موجب اهو فيصلو وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ ڪيو ويو۔اجلاس دوران وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سڀني ميمبرن کي مٺائي کارائي وئي، جڏهن ته ڪابينا ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد پڻ ڏني۔حڪومت قوم کان به اپيل ڪئي آهي ته هو ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ خاص دعائون ڪن۔

  1. فيلڊ مارشل سان ايراني پرڏيهي وزير جو رابطو

تهران/راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفون ذريعي رابطو ڪيو آهي.پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني جي بيان مطابق، ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو ته پاڪستان جي تعميري ۽ ذميوارانه ڪردار کي ساراهيون ٿا..ايراني سفارتخاني جي بيان مطابق، ايراني پرڏيهي وزير جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ اثرائتي ڪوششن جي به تعريف ڪئي.ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۽ جنگ بندي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا.

  1. لاهور ۾ ايل پي جي، جي قيمت 500 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي

لاهور (بيورو) لاهور ۾ ايل پي جي جي قيمت 500 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي جنهن سبب گهريلو صارفين لاءِ گئس حاصل ڪرڻ بڻيل، دڪاندارن موجب مختلف علائقن ۾ ايل پي جي 500 کان 510 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته فراهمي 480 کان 490 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملي رهي آهي، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اگهه لڳ ڀڳ 304 رپيا في ڪلو آهي جنهن تي وڪرو ممڪن ناهي، مهانگي ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سبب صارفين تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي، ٻئي پاسي شهرين الزام لڳايو آهي ته ايل پي جي مافيا قيمتون وڌائي اربين رپيا ڪمائي چڪي آهي، اوگرا فوري قدم کڻي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ته جيئن قيمتن کي ڪنٽرول ۾ آڻي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.