آبناءِ هرمز تي ايران جو ڪنٽرول رهندو، دفاعي پروگرام برقرار،پابنديون به ختم ٿينديون؟

اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو)اوچتو جنگ بندي سان ايراني تهذيب کي تباهه ڪرڻ بابت ٽرمپ جي دعوائن کي پوئتي هٽڻو پيو. اسرائيل سمجهي رهيو هو ته آمريڪا واقعي ايراني تهذيب ختم ڪري ڇڏيندو. اسرائيل انڊيا جو “فادر لينڊ” هو، مودي جو “گريٽر انڊيا” ٺاهڻ وارو خواب به چڪناچور ٿي ويو. اهو لازمي نه هو ته آمريڪا ايران تي حملو ڪري. ان جو مطلب هو ته بئڪ ڊور ڊپلوميسي تحت ڪجهه ٿي رهيو هو.۽ بيڪ ڊور ڊپلوميسي ڪٿي شروع ٿي؟ اڄ سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ اسلام آباد ۽ پاڪستان جو نالو بار بار اچي رهيو آهي، ان تاثر سان ته پاڪستان هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ڪامياب سفارتڪاري ذريعي.هڪ وقت هو جڏهن پاڪستان بابت عالمي ميڊيا ۾ خبرون دهشتگردي ۽ حملا هونديون هيون، پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي. نه صرف اندروني طور، پر عالمي تعلقات ۾ به پاڪستان مرڪز بڻجي ويو آهي. ايران، آمريڪا، نار جا  ملڪ سڀ پاڪستان ڏانهن ڏسن ٿا.پاڪستان جي ميڊيا ۾ به وڏيون سرخيون لڳيون آهن. مثال طور “ايڪسپريس ٽربيون” لکيو ته “پاڪستان سيفس هول سِولائيزيشن”، يعني پاڪستان جي سفارتڪاري سبب جنگ بندي ممڪن ٿي.هاڻي ٻن هفتن لاءِ جنگ بندي آهي، ۽ ان دوران ڳالهيون ٿينديون. 10 اپريل کان اسلام آباد ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون، جنهن ۾ آمريڪي ۽ ايراني نمائندا شريڪ ٿيندا.جنگ دوران نيتن ياهو جي حڪومت حيران ۽ پريشان هئي. اسرائيلي ميڊيا ۾ چيو پيو وڃي ته ٽرمپ جي فيصلي ۾ آخري لمحن ۾ تبديلي آئي، جڏهن ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ ۾ اڌ ڪلاڪ بچيو هو.اسرائيل ميڊيا ڪائونٽ ڊائون هلائي رهي هئي، پر اوچتو فيصلو تبديل ٿي ويو. ايران جي عوام به پنهنجو عزم ظاهر ڪيو ۽ پلن تي اچي جهنڊا لوڏي پيغام ڏنو ته هو پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندا. انڊين تجزيه نگار پاڪستان جي قيادت کي ساراهين ٿا، جڏهن ته مودي تي تنقيد ٿي رهي آهي. عرب ملڪ به پاڪستان جي پويان نظر اچن ٿا.ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آبناءِ هرمز  ذريعي گذر جو نظام ايران جي فوج جي ڪوآرڊينيشن سان ٿيندو. يعني گزر مشروط هوندو.دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٽرمپ ايران جا ڪجهه شرط قبول ڪيا آهن، جن ۾ هرمز آبناءِ تي ڪنٽرول ۽ يورينيم افزودگي جو حق شامل آهي.ٽرمپ تي اندروني دٻاءُ به وڌي رهيو آهي. آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪجهه ميمبرن سخت تنقيد ڪئي آهي، حتيٰ ته ڪجهه چيو ته ٽرمپ کان اختيار واپس وٺڻ گهرجن.اقتصادي طور تي به دٻاءُ هو، ڇو ته پيٽرودالر سسٽم متاثر ٿيو، تيل مهانگو ٿيو، ڪرنسيون ڪمزور ٿيون، ۽ مختلف ملڪ پنهنجا آمريڪي بانڊ وڪڻڻ لڳا.ان صورتحال ۾ ترڪي، انڊيا، چين، روس سميت ڪيترن ملڪن تي اثر پيو. خليجي ملڪن کي به نقصان ٿيو.هاڻي بحث اهو آهي ته ڇا آمريڪا ايران کي آبناءِ هرمز  تي ڪنٽرول ۽ ايٽمي پروگرام جاري رکڻ جي اجازت ڏني آهي؟ڪجهه سينيٽرن ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايران کي پنهنجو دفاعي نظام ۽ پروگرام جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ۽ پابنديون به نرم ڪيون وينديون.جيڪڏهن ايران کي هرمز تي ڪنٽرول ملي ٿو ته اهو عالمي واپار ۽ توانائي لاءِ وڏو تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿوهاڻي عالمي نظام ۾ تبديلي جا اشارا نظر اچي رهيا آهن. هڪ آمريڪي پروفيسر مطابق دنيا ۾ طاقت جو نئون مرڪز پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايران به شامل آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته ايران هڪ اهڙي پوزيشن حاصل ڪئي آهي جتي هن هڪ سپر پاور کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.هاڻي عالمي سياست ۾ نئون منظرنامو ٺهي رهيو آهي، جنهن ۾ روس، چين ۽ ايران هڪ ئي رخ ۾ هلن ٿا ته عالمي نظام تبديل ٿي سگهي ٿو.

  1. ايران جو آبناءِ هرمز مان گذرندڙ تيل تي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

لنڊن(عوامي آواز نيوز)ايران اعلان ڪيو آهي ته هرمز آبنائي مان گذرندڙ تيل تي في بيرل 1 ڊالر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.برطانوي اخبار موجب ايراني پيٽروليم ايڪسپورٽرز يونين جي ترجمان حميد حسيني چيو آهي ته ايران هرمز آبنائي مان گذرندڙ تيل بردار جهازن کان ٽول ٽيڪس ڪرپٽو ڪرنسي ۾ وصول ڪندو.حميد حسيني چيو ته ايران هرمز آبنائي مان گذرندڙ هر جهاز جو جائزو وٺڻ ۽ ان کان فيس وصول ڪرڻ چاهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ايران لاءِ ضروري آهي ته اهو نگراني ڪري ته هرمز آبنائي مان ڇا اچي رهيو آهي ۽ ڇا وڃي رهيو آهي، جيئن انهن ٻن هفتن دوران هٿيارن جي منتقلي نه ٿي سگهي. هتي مان هر شيءِ گذري سگهي ٿي، پر هر جهاز لاءِ طريقيڪار ۾ وقت لڳندو ۽ ايران کي ڪا جلدي ناهي.هن ٻڌايو ته هر جهاز کي پنهنجي ڪارگو جي تفصيل اي ميل ذريعي ايراني اختيارين کي ڏيڻي پوندي، جنهن کان پوءِ ان کي ادا ڪرڻ واري فيس بابت ٻڌايو ويندو. تيل بردار جهازن جي فيس هڪ ڊالر في بيرل هوندي، جڏهن ته خالي جهازن کي مفت گذرڻ جي اجازت هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.