ممبئي (م ڊ) عالمي سفارتڪاري ۾ پاڪستان اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني جنگ بندي ۾ پاڪستان جي ڪردار کان پوءِ ڀارت ۾ سخت ردعمل سامهون آيو آهي، ڀارتي تجزيه نگار پنهنجي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي تي تنقيد ڪرڻ لڳا، ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان بحران دوران اهم ٽياڪڙي ڪردار ادا ڪيو جنهن سان عالميسطح تي ان جي حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، تجزيه نگار ان پس منظر ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاليسين تي سوال اٿاري رهيا آهن، هڪ تجزيه نگار چيو ته اڙي واقعي کان پوءِ مودي پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪستان نمايان ۽ ڀارت پس منظر ۾ نظر اچي رهيو آهي.