حڪومتي درخواست قبول،پي ٽي آءِ جو راولپنڊي ۾ اڄوڪو جلسو ملتوي

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف  جي سياسي ڪاميٽي حڪومتي وفد جي درخواست تي 9 اپريل تي راولپنڊي ۾ ٿيندڙجلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي وزيرن ۽ حڪومتي اتحادي ڌرين جي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن سان ملاقات ٿي۔ملاقات ۾ خواجا آصف،راجا پرويز اشرف،نويد قمر،امين الحق،اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي،بئريسٽر گوهر علي خان ۽ جنيد اڪبر  شامل هئا۔حڪومتي اتحادي ڌرين موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جي غير مشروط حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ 9 اپريل جي احتجاج کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي۔ملاقات کان پوءِ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊرعلامه راجا ناصر عباس تصديق ڪئي ته پي ٽي آءِ ۽ “تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان” پاران راولپنڊي جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي۔تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ترجمان موجب، وزير دفاع خواجه آصف، وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ وزير پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري  ملاقات دوران جلسو منسوخ ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو۔ترجمان اپوزيشن ليڊر موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ صرف پرڏيهي معاملن تي ڳالهيون ٿيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.