سنڌ يونيورسٽي پي آر او تي شاگردياڻي کي هراسان ڪري شادي کان پوءِ طلاق ڏيڻ جا الزام

ڄامشورو(رپورٽ:راجا انور چانڊيو)سنڌيونيورسٽي  ڄامشورو جي پي آر او مٿان شاگردياڻي کي هراسان ڪري شادي ڪرڻ بعد طلاق ڏيڻ جا انڪشاف ٿيا آھن جڏهن  ته طلاق بعد متاثر ٿيل شاگردياڻي کي ڊگري به جاري نه  ٿي ڪئي وڃي  ان سلسلي ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشوروجي اعتماد جوڳي ذريعي کان معلوم ٿيو آھي ته ڪجهه سال اڳ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي اسلامڪ ڪلچر ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نوابشاھ جي علائقي ٻانڌي واسڻ شاگردياڻي عزيزا ڌيءَ علي بخش بروھي کي سنڌيونيورسٽي جي پي آر او نادر مغيري ولد جان محمد مغيري مسلسل واسطا رکڻ لاءِ بليڪ ميل ۽ حراسان ڪيو جنھن تي شاگردياڻي طرفان اھڙي شڪايت سنڌيونيورسٽي ۾ قائم حراسمينٽ سيل کي ڪئي ته هراسمينٽ ڪاميٽي طرفان نادر مغيري خلاف جاچ شروع ڪئي وئي جنھن جاچ ۾ نادر مغيري مٿان ڏوھ ثابت ٿيو ذريعن موجب ڏوھ ثابت ٿيڻ بعد هراسمينٽ ڪاميٽي طرفان شاگردياڻي سان انصاف ڪندي نادر مغيري کي معطل ڪرڻ جي رپورٽ وائيس چانسلر کي ڏني وئي جنھن طرفان نادر مغيري کي معطل ڪرڻ لاءِ آرڊ تيار ڪيو ويو پر بدقسمتي سان ان ڏينھن نادر مغيري جي امڙ جو ذاتي دشمني ۾ قتل ٿي ويو ۽ اھو آرڊر به رڪجي ويوـ ذريعن موجب ماءُ جون آخري رسمون پوريون ڪري جڏهن  نادر واپس پھتو ته کيس اھڙي خبر پئي جنھن بعد نادر مغيري طرفان متاثر شاگردياڻي کي ميڙمنٿ ڪري درخواست تان ھٿ کڻڻ جي گذارش ڪئي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي حامي ڀري ـ ذريعن موجب شادي جي آڇ بعد شاگردياڻي طرفان حراسمينٽ سيل کي ڏنل درخواست واپس ورتي ـ شادي بعد شاگردياڻي کي نادر مان ھڪ پٽ مدد علي جو اولاد ٿيو پر نادر مغيري پنھنجا ڪرتوت نه سڌاريا ۽ غيرعورتن سان تعلق قائم ڪندو رھيو جنھن کان روڪڻ تي نادر مغيري پنھنجي زال عزيزان کي طلاق ڏئي ڇڏي ـ اھڙي ناانصافي ٿيڻ بعد متاثر شاگردياڻي طرفان سنڌيونيورسٽي انتظاميا سميت مختلف فورمن تي   شڪايتون ڪيون پر کيس ڪٿان به دادرسي نه ٿي ۽ نادر مغيري  سندس ايم فل جي ڊگري ۾ مداخلت ڪندي اھا به روڪرائي ڇڏي جنھن جي ڪري شاگردياڻي سخت پريشاني ۽ خوف جو شڪار ٿيندي معصوم پٽ سميت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھي ـ

You might also like