لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11 هين ايڊيشن ۾ شامل گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي رانديگرن کي اماراتي بورڊ وطن واپس گهرائي ورتو آهي.
ذريعن موجب، ڪراچي ڪنگز ۾ شامل يو اي اي جا ٻه رانديگر وطن واپس روانا ٿي ويا آهن، جن ۾ خزيمه بن تنوير ۽ محمد وسيم شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آهي ته ٻنهي رانديگرن کي يو اي اي جي علائقائي ٽورنامينٽ ”ڊي 50“ ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، ٻنهي رانديگرن کي ڊي 50 جون ٻه ميچون کيڏڻ کانپوءِ واپس ڪراچي ڪنگز جوائن ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي.
واضح رهي ته ڪراچي ڪنگز جي ايندڙ ميچ 9 اپريل تي ڪراچي ۾ پشاور زلمي خلاف شيڊيول آهي.