آءِ پي ايل جي ڳڻتي، نئين فٽنيس فارمولي هسارنگا ۽ پٿيرانا کي مُنجهائي ڇڏيو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽر ونندو هسارنگا ۽ مٿيشا پٿيرانا انهن 15 ڪرڪيٽرن ۾ شامل آهن، جيڪي اڃا تائين سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان لازمي قرار ڏنل فٽنيس ٽيسٽ نه ڏئي سگهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بورڊ طرفان لازمي قرار ڏنل ٽيسٽ ۾ وڌيڪ 6 رانديگر گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ناڪام ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 45 سينٽرل ڪانٽريڪٽڊ رانديگرن مان رڳو 24 رانديگر ئي ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا.
رپورٽن موجب، رانديگرن پاران ٽيسٽ نه ڏيڻ جا مختلف سبب ڄاڻايا ويا آهن، جن ۾ زخمي ٿيڻ ۽ انتظامي مسئلا شامل آهن، پر خاص طور تي هسارنگا ۽ پٿيرانا جي صورتحال اهم آهي ڇو ته هو ٻئي آءِ پي ايل 2026 ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهن.
هسارنگا جي صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته هن اڃا تائين اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست به ناهي ڏني.
سريلنڪن ليگ اسپنر فيبروري ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران آئرلينڊ خلاف ميچ ۾ هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو هو ۽ سندس فٽنيس ٽيسٽ بابت ڪا حتمي تاريخ سامهون ناهي آئي.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر مٿيشا پٿيرانا، جيڪو آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ڪاف اسٽرين جو شڪار ٿيو هو، تنهن هاڻي نيٽس ۾ بالنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته هو اپريل جي وچ ڌاران آءِ پي ايل لاءِ ڀارت پهچي ويندو، جڏهن ته سندس فٽنيس ٽيسٽ ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ فٽنيس نظام ۾ سڌارن کي ڊوميسٽڪ نيشنل سپر ليگ تائين به وڌايو آهي، جتي رانديگرن لاءِ 2 ڪلوميٽر ڊوڙ ۽ اسڪنفولڊ ٽيسٽ لازمي آهي، جڏهن ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافتا رانديگرن لاءِ وڌيڪ سخت ٽيسٽون جهڙوڪ 20 ميٽر اسپرنٽ، ايجيليٽي ٽيسٽ ۽ جمپ ٽيسٽ شامل آهن ۽ پاس ٿيڻ لاءِ 29 مان گهٽ ۾ گهٽ 17 پوائنٽس حاصل ڪرڻ ضروري آهن.
ٽورنامينٽ ۾ شامل 87 رانديگرن مان 23 رانديگر گهٽ ۾ گهٽ فٽنيس معيار پورو نه ڪري سگهيا آهن، جن کي 19 اپريل تائين ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي آخري مهلت ڏني وئي آهي، ناڪامي جي صورت ۾ اهي کيڏي ته سگهندا پر کين ميچ فيس نه ملندي ۽ مستقبل ۾ سندن شموليت تي به سوال اُٿڻ لڳا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.