اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين بابت اجلاس ۾سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب، روزمره استعمال وارين شين جا دڪان، ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۽ مالز به رات 8 وڳي بند ٿيندا.
پڌرائي موجب، بيڪريون، ريسٽورنٽ، تندور ۽ کاڌي پيتي جي شين وارا دڪان رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شادي هالز ۽ مارڪيز به رات 10 وڳي کانپوءِ بند رهندا.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نجي ملڪيت ۽ گهرن ۾ به شادي جي تقريبن رات 10 وڳي کانپوءِ بندش هوندي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ميڊيڪل اسٽورز ۽ فارميسيز کي ڪاروباري شيڊيول کان ڇوٽ حاصل هوندي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيل فيصلا 7 اپريل کان لاڳو هوندا.
فيصلي موجب، پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فيصلن تي عملدرآمد ٿيندو، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ بازار ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ مارڪيٽن ۽ ٻين ڪاروباري وقتن بابت صلاح مشوري جو عمل اڃا جاري آهي.
You might also like