ايران هٿان آمريڪا جو ايف 15 ۽ ايف 35 جهاز نشانو، لنڪن ٻيڙي تي به حملو

تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ع آ نيوز) ايران جنگ دوران آمريڪا جو ايف 15 جهاز ڪيرائي ڇڏيو، جنهن جي آمريڪا به تصديق ڪئي آهي ، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب پنهنجي فضائي حدن اندر آمريڪا جو هڪ  ٻيو جديد ترين جنگي جهاز ايف 35 ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران هوش کان ڪم نه ورتو ته پلون ۽ پاور پلانٽس ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا. پاسدارانِ انقلاب آمريڪا جو هڪ ٻيو جديد جنگي جهاز ايف 35 ڪِيرائي وڌو آهي،عرب ميڊيا موجب،ايران ٻيو آمريڪي ايف 35 جنگي جهاز ڪِيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته وچ ايران جي هوائي حدن ۾ آمريڪي جنگي جهاز ايف 35 ڪيرايو ويو، جهاز جي پائلٽ بابت تفصيل سامهون ناهن آيا.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ طاقتور فوج آهي، هن وقت تائين ايران ۾ جيڪو ڪجهه بچيل آهي ان کي تباهه ڪرڻ شروع ناهي ڪيو، پل ۽ پوءِ پاور پلانٽ ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا، ايران جي نئين قيادت ڄاڻي ٿي ته تيزي سان ڇا ڪرڻو آهي.ايراني ميزائلن اسرائيل ۾ تباهي مچائي ڇڏي.ايران اسرائيل تي تازا ميزائل حملا شروع ڪري ڇڏيا، اسرائيلي شهر جي وچ ۾ ميزائل ڪرڻ سبب ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم ايراني حملا روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻئي پاسي ايراني بحريه قيشم ٻيٽ تي دشمن جو ويڙهاڪ جهاز به ڪِيرائي ڇڏيو.پاسداران انقلاب موجب، آبناءِ هرمز ويجهو سمنڊ ۾ دشمن جو جهاز تباهه ڪيو ويو، جديد جهاز کي نيوي ايئر ڊفينس نشانو بڻايو، جڏهن ته آمريڪي جنگي جهاز بردار ٻيڙي ابراهم لنڪن تي به ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو ويو. آمريڪي حملن تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهري انفراسٽرڪچر سميت پُلن تي حملن سان ايران هٿيار ڦٽا نه ڪندو. هن چيو ته هر تباهه ٿيل عمارت ۽ پل کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، پر جيڪا ڪڏهن بحال نه ٿي سگهندي، آها آمريڪا جي خراب ٿيل ساک آهي. ايران جي انقلابي گارڊ ڪور پنهنجي نيول انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه بهنام رضائي جي موت جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيل اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن 26 مارچ تي هڪ حملي ۾ رضائي کي نشانو بڻايو هو.اسرائيلي فوج چيو ته "رضائي علائقي جي ملڪن بابت انٽيليجنس گڏ ڪرڻ جو ذميوار هو ۽ مختلف انٽيليجنس ايجنسين سان تعاون جي اڳواڻي ڪندو هو.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.