اسلام آباد (بيورو) ناڻي وزارت جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري ۾ هاڻي ڪا به قانوني يا فني رنڊڪ باقي ناهي رهي. آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ ايندڙ مهيني مئي جي پهرين هفتي ۾ اجلاس ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جي منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف کي دوست ملڪن پاران قرضن جي رول اوور بابت به مڪمل طور تي اعتماد ۾ ورتو آهي. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ ۾ سعودي عرب جا 5 ارب ڊالر، چين جا 4 ارب ۽ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر ڊيپازٽ طور موجود آهن. يو اي اي جا 2 ارب ڊالر هن مهيني ۽ هڪ ارب ڊالر جولاءِ ۾ رول اوور ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلي ۾ آهن. ناڻي وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته پيٽروليم شين تي ڏني ويندي ٽارگيٽڊ سبسڊي بابت به آئي ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ اها رقم رواي مالي سال جي بجيٽ مان خرچ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جو بار واهپيدارن تائين منتقل ڪرڻ کان اڳ آئي ايم ايف سان مشاورت ڪئي وئي هئي. حڪومت وٽ هن وقت 300 ارب روپين جا هنگامي فنڊز به موجود آهن، جنهن ڪري ادائيگين ۾ ڪا به مشڪل پيش نه ايندي.