يو اي اي، ايران تي ايٽم بم ڪيرائڻ جو حامي:پاڪستان، ايران سان بيهي رهيو

اسلام آباد (ابصار عالم) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ايران-آمريڪا جنگ جي خطرن جي وچ ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڪردار ۽ نار وارن ملڪن جي حيران ڪندڙ مطالبن بابت ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون آيا آهن. هڪ تازي رپورٽ موجب، هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران گڏيل عرب امارات پاران آمريڪا کي ايران جي حڪومت مڪمل طور ختم ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پوي ته ايران تي ايٽم بم به ڪيرايو وڃي، ڇو ته ايران جي فتح خطي ۾ سپر پاور جي توازن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. رپورٽ موجب، 19 مارچ تي رياض ۾ ٿيل پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ايران تي تنقيد لاءِ هڪ مسودو تيار ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مداخلت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران سان گڏوگڏ اسرائيل جي جارحيت جي به مذمت ڪئي وڃي. بعد ۾ مسودو پيش ٿيو ته يو اي اي، بحرين ۽ ڪويت پاران اسرائيل جو نالو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تان هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ائين ٿيو ته اسان حصو نه بڻجنداسين، لبنان به چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي مذمت ٿيڻ گهرجي. مختلف گڏجاڻين ۾ پاڪستان يو اي اي جي منصوبي جي حمايت نه ڪئي. گڏيل قومن ۾ هڪ ٺهراءُ ۾ ايران جي مذمت پيش ڪئي وئي پر ٻئي ٺهراءُ ۾ اسرائيل جي مذمت ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار هو. ان سفارتي اختلاف کانپوءِ يو اي اي پاران پاڪستان کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيل پنهنجا 3 ارب ڊالر واپس ڪرڻ جو چيو ويو آهي. پاڪستاني اختيارين واضح ڪيو آهي ته ايران خلاف ڪنهن به جارحيت جو حصو بڻجڻ بدران هو پنهنجي خودمختاري ۽ اصولي موقف جي خاطر اها رقم واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ٻئي طرف، پاڪستان جي هن بهادراڻي موقف کانپوءِ ايران ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ تاريخي ويجھڙائي آئي آهي. ايران پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪي به عالمي مال بردار جهاز پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائيندا، انهن کي سمنڊ مان محفوظ لنگهه ڏنو ويندو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سعودي عرب هن سموري صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. پاڪستان جا ڪجهه رٽائرڊ سرڪاري اهلڪار يو اي اي ۾ رهي چڪا آهن، اهي پيسو ٺاهي رهيا آهن، پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. حڪومت کي ڄاڻ هوندي انهن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي. اتي وڃي ملڪيتون خريد ڪن ٿا. هتان انهن جي سهولتڪاري ٿئي ٿي. وڏي پئماني تي پاڪستان جو پيسو يو اي اي وڃي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.