حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته هي رڳو معاشي فيصلو ناهي پر عوام جي جيئڻ جا رستا بند ڪرڻ جي برابر آهي. حيدرآباد مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اڳ ئي بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي سبب پيڙهيل عوام مٿان پيٽرول مهانگو ڪري کين وڌيڪ تڪليفن ۾ وڌو ويو آهي، جنهن سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي. ڊاڪٽر قادر مگسي حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ عام ماڻهو جو رت چوسيو پيو وڃي، پر حڪمران پنهنجا شاهاڻا خرچ، پروٽوڪول ۽ عياشيون گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ملڪ معاشي بحران ۾ آهي ته پوءِ ان جو بار صرف غريب عوام ڇو کڻي؟ حڪمران طبقو پنهنجي خرچن ۾ ڪمي آڻڻ بجاءِ عوام تي مهانگائي جا نوان طوفان مڙهي رهيو آهي. ايس ٽي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته پيٽروليم ليوي ۽ ٻين ناجائز ٽيڪسن جي نالي ۾ عوام جي کيسن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري. جيڪڏهن حڪومت سنجيده آهي ته وڏن صنعتڪارن، مالياتي ٽائيڪونن ۽ ٽيڪس چور مافيا کان اوڳاڙي ڪري مالي خسارو پورو ڪري سگهجي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جون وڌايل قيمتون فوري طور واپس ورتيون وڃن ۽ حڪمرانن جي شاهه خرچين ۾ واضح ڪٽوتي ڪئي وڃي.