جنگ بندي عيوض ايران-پاڪستان گئس منصوبي لاءِ اهم موقعو

اسلام آباد (نجم سيٺي) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ بحران سڄي دنيا سميت پاڪستان جي معيشت کي به نقصان رسايو  آهي. هن بحران ۾ پاڪستان لاءِ ڪجهه هاڪاري پاسا به آهن. پاڪستان کي گهرجي ته هو آمريڪا تي دٻاءُ وجهي ايران-پاڪستان گئس پائپ لائن تان پابنديون ختم ڪرائي، ڇو ته هي منصوبو نه رڳو پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪندو پر چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي ذريعي گوادر ۽ ڪراچي کي به نئين زندگي ڏيندو. هن چيو ته ڪراچي کي دبئي وانگر ترقي ڏيڻ جا موقعا اڃا به موجود آهن، جيڪڏهن گندي سياست کي پاسي تي رکي ريفائنريز ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏنو وڃي. آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تان هٽڻ لاءِ تيار ناهي، ان ڪري پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي دفاعي معاهدي جي بنياد تي مالي مدد جي اميد رکڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته ترقياتي فنڊن ۽ ايم پي ايز جي گرانٽس بند ڪري اهي پئسا غريب طبقي کي سڌو سنئون بينظير انڪم سپورٽ وانگر شفاف ڊيٽا ذريعي پهچايا وڃن ته جيئن بحران جي هن گهڙيءَ ۾ عام ماڻهو کي بچائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.