مُلڪ کي اڄ شهيد ڀٽو جي مشن ۽ نظريي جي وڌيڪ ضرورت آهي

ڊاڪٽر مدد علي شاھ

سال 1974 جي هڪ شام، جڏهن مان صرف ڇهن ورهين جو ننڍڙو ٻارڙو هوس ته، هالاڻيءَ جي هڪ رهائشگاهه تي قسمت مون کي والد صاحب سان گڏ ان بزرگ ڪمپنيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏيو جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موجود هيو، جتي اسان ساڻس گڏ رات جي ماني کاڌي. تنهن وقت جو ماحول، ماڻهن جي محبت ۽ رهبر جي سادگي اڄ به منهنجي دل ۾ زندهه آهي. ان کان پوءِ 1977ع ۾  جڏهن مان نواڻ جي شفق وانگر نو سالن جو هوس، منهنجي نصيب ۾ وري هڪ اعزاز لکجي ويو جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو سان ملاقات ٿي. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ صرف هڪ ملاقات نه هئي، پر اميد ۽ قربت جو هڪ روپ بڻجي ويو. خاص طور تي اها ياد، جڏهن منهنجي ماءُ مون کي قرآن پاڪ جو تحفو ڏنو ۽ بينظير صاحبه منهنجن ڳلن تي محبت ڀريو هٿ رکيو. اها لمس، اها دعا، اڄ به منهنجي روح کي گرمائيندي آهي. دنيا جي سياست ۽ زماني جي تڪليفن کان مٿاهون، اهي انساني ۽ روحاني لمحا منهنجي زندگي جا روشن ترين لمحا آهن جيڪي مان هميشه ياد رکندس.

ذولفي ڀٽو، اهڙو طلسماتي شخص هو جنهن جي هر لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي هر جملي۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو.ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هئا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هرهڪ پل هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي، روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت، وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي سحر انگيز شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ تائين ڪارڪنن جون هزارين قربانيون ۽ قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ۽ موت جي ڦاهيءَ کي چميو، ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻايو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشنڊ ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين ۽ مانڊڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن، مردن، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو۽ جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وڏي جدوجهد سان وطن کي 1973 وارو متفقه آئين جو تحفو ڏنو. 1974 ۾ اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالھ ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.

ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ملڪي وحدت جو مرڪزي نقطو ھو پر هن مملڪت خداداد پاڪستان جي ضمانت پڻ ھو. پوءِ به جيڪڏهن سندس قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل مل، مشين ٽول فيڪٽر، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقيءَ طرف وٺي وڃي رهيو هو، جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادريءَ جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش پڻ ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌيءَ طرف توجهه ڏني. هن فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪو متڀيد ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري ان جي خلاف اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي مظلوم عوام کي رليف ڏنو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ٿيندي 47 سال گذري چڪا آهن پر عوام وٽ شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو اڄ به خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. آمر ضياءَ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرڻ ڏنو.  اڄ وطن کي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن ۽ سندس نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها.

ذولفي هڪ نظريي، هڪ مشن، هڪ حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل ۽ روايت ٽوڙ هڪ عزم جو نالو آهي. سندس زندگيءَ جو تت هن سٽ ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو ته،

مونسين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.