دادو/راڌڻ (رپورٽ: هريش ڪمار/ غوث جهتيال) راڌڻ ويجهو ڳوٺ دلاور سولنگي ۽ بهرام بروهي ۾ سولنگي-بروهي برادريءَ وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي. ٻن نوجوانن جي تدفين کانپوءِ به فائرنگ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڌرين پاران هڪ ٻئي تي راڪيٽ لانچرن جا فائر ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب سڄو علائقو ڌڏي ويو. پوليس ذريعن موجب، راڌڻ ٿاڻي تي مسمات شبيران ۽ اياز علي سولنگي جي فرياد تي بروهي برادري جي 21 ڄڻن تي قتل ۽ حملي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميهڙ ۽ راڌڻ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي نامزد ٽن جوابدارن عبدالمالڪ، عرفان ۽ لياقت بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پر ٻئي طرف هٿياربندن پوليس مٿان پڻ فائرنگ ڪئي آهي، جنهن ڪري پوليس اهلڪارن آڳرا موڙ پڪٽ ۽ پيٽرول پمپ ۾ پناهه ورتي آهي. مقتولن جي وارثن ۽ امڙ پاران انصاف لاءِ آڳرا پوليس چوڪي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايس ايس پي دادو جي حڪم تي راڌڻ-موهن جو دڙو روڊ تي پوليس جي ڀاري نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن وڌيڪ خونريزي کي روڪي سگهجي. برسات ۽ سخت فائرنگ جي باوجود پوليس گشت جاري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ڌرين جي مورچابندي ۽ جديد هٿيارن جي استعمال سبب راڌڻ شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سخت خوف واري صورتحال برقرار رهي.