اوڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال وليج ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ بااثر شخص باغ مان انبڙيون کڻڻ تان 9 سالن جي معصوم نياڻي تي پالتو ڪتو بڇي کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو. درگاهه پاڙي جي رهواسي شڪيل قريشي جي نياڻي، ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي امه ڪلثوم، انبن جي باغ ۾ ڇڻيل انبڙيون کڻڻ وئي هئي، جتي رحمت راجپوت نالي شخص مٿس پالتو ڪتو بڇي ڇڏيو. ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب معصوم نياڻي سخت زخمي ٿي بيهوش ٿي وئي هئي. نينگري جي والد عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هوش ۾ اچڻ بعد سندس ڌيءَ روئيندي ٻڌايو ته رحمت راجپوت سامهون بيٺو رهيو ۽ مٿس ڪتو بڇيو، جنهن کيس بري طرح ڏاڙهي زخمي ڪيو. وارثن پاران اوڏيرولال ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. نينگري جي والد دانهيو آهي ته پوليس شروعات ۾ ڪو به داد فرياد نه پئي ڪيو، جنهن تي هن ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث وحشي شخص کي سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين پوليس ڪتو بڇيندڙ جوابدار رحمت راجپوت کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ورتو آهي.