زميني ڪارروائي ڪئي وئي ته هڪ به آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي زنده واپس نه ويندو: ايراني فوجي سربراهه

تهران (م ڊ) ايران جي هٿياربند فوج جي اعليٰ ڪمانڊر امڪاني زميني ڪارروائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي فوج کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽ موجب ايراني فوج جي آپريشن ڪمانڊر  چيف امير حاتمي هڪ اعليٰ سطحي عسڪري اجلاس کي خطاب ڪندي آپريشنل هيڊ ڪوارٽرز کي هدايت ڏني آهي ته دشمن جي چرپر تي نظر رکي وڃي ۽ هر لمحي جي صورتحال کان آگاهه رهجي. هن فوجي ڪمانڊر کي هدايت ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي سرگرمين جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني زميني ڪارروائي جو فوري ۽ موثر جواب ڏئي سگهجي. ايراني ڪمانڊر سخت لهجي ۾ چيو ته جيڪڏهن دشمن زميني حملي جي ڪوشش ڪئي ته انهي کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ حملو ڪندڙن کي واپس وڃڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو. ماهرن موجب اهو بيان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهي ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته ايران ڪنهن به امڪاني حملي جي لاءِ  مڪمل طور تي تيار رهڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.