جي ڊي اي وفد جي فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي وڏي فرزند سيد راشد شاهه راشدي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي قائد مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي۔ملاقات ۾ جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر صفدر علي عباسي، محمد خان جوڻيجو ۽ معظم علي خانعباسي شامل هئا۔سيد راشد شاهه راشدي پير پاڳاري  جي طرفان مولانا فضل الرحمان کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو۔جي ڊي اي وفد سان گڏ ملڪ، عالمي ۽ علائقائي، خاص طور تي سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.