بلاول جي فضل الرحمان سان ملاقات، سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن ۾ شموليت جي آڇ؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندن رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي۔ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ راجا پرويز اشرف، نير بخاري ۽ چوڌري ياسين موجود هئا، جڏهن ته ملاقات ۾ اڳوڻو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود به شريڪ ٿيو۔ هوڏانهن ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جي جماعت پيپلز پارٽي پاران گلگت بلتستان  ۽ آزاد ڪشمير ۾ سهڪار کان علاوه مولانا فضل الرحمان کي هڪ ٻي وڏي آڇ به ڪئي وئي آهي۔ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي جماعت کي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت ۾ شموليت جي باضابطه دعوت ڏني وئي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا کي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اوهان اسان سان گڏجي هلو۔ذريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري خاص طور تي اها آڇ کڻي مولانا فضل الرحمان وٽ پهتو، جتي ٻنهي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي مشاورت ٿي،فضل الرحمان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو،بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات کان پوءِ سنڌ جي اپوزيشن به حرڪت ۾ اچي وئي آهي۔ذريعن موجب سنڌ اپوزيشن جو وفد به جلد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ پهچندو۔پير پاڳار  جو خاص پيغام به مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو ويندو، ذريعن موجب پير پاڳاري جي فرزند راشد شاهه جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو ٿيو آهي۔ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ۽ راشد شاهه جي وچ ۾ اڄ رات ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي۔ان کان علاوه جي ڊي اي جو اعليٰ سطحي وفد به راشد شاهه راشدي سان گڏ مولانا فضل الرحمان وٽ پهچندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.