اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي پٽ راشد شاهه راشدي چيو آهي ته اسان به رسول الله ﷺ جي امت مان آهيون. اسان کي ان تي وڏو فخر آهي، پر اسان کي رسول الله ﷺ جي امت جي سرداري نه، بلڪه غلامي گهرجي. اسان انهن جي خدمت ڪنداسين. توهان ۽ اسان پنهنجي پياري ملڪ ۽ هن امت جي خدمت ڪنداسين،اسلام آباد ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سڀ کان پهرين مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته توهان ماڻهن جا جيڪي وڏا بزرگ هئا ۽اسان جا به بزرگ هئا، جڏهن به ڪٿي ظلم ڪندڙ حڪمران هوندو هو ته اتي جهاد لاءِ توهان ۽ اسان جا وڏا پهچي ويندا هئا. هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ جو به اهو ئي مقصد هو. اڄ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم سنڌ جي ڌرتي تي ٿي رهيو آهي. هتي ظالم حڪمران حڪومت ڪري رهيا آهن،هن چيو ته هاڻي توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پير صاحب پاڳاري سان گڏ هٿ ۾ هٿ ڏئي، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي ڌرتي مان شروعات ڪري ظالم حڪمرانن کي هتان ڀڄايو وڃي، ۽ پوءِ اهو سلسلو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلايو وڃي، ڇو ته سڀ کان وڌيڪ ظلم سنڌ جي ڌرتي تي ٿي رهيو آهي،هن چيو ته ڪنهن جي زمين محفوظ ناهي، ڪنهن جو گهر محفوظ ناهي، ڪنهن جي عزت محفوظ ناهي. ڪنهن جي مال ملڪيت محفوظ ناهي، ايتري قدر جو ڍڳيون، ٻڪريون، ٽريڪٽر، موٽر سائيڪلون، گاڏيون، ڪپڙا ۽ موبائل فون به محفوظ ناهن. اهڙيون حالتون صرف سنڌ ۾ آهن، باقي پاڪستان ۾ حالتون ايتريون خراب ناهن،هن چيو ته ڪراچي شهر، جيڪو روشنيءَ جو شهر سڏبو هو، اڄ هتي جنهن وٽ به جائز زمين هجي، ان تي سسٽم جا ماڻهو نظر رکن ٿا. اهي پنهنجا ماڻهو استعمال ڪري، جهڙوڪ تپيدار ۽ مختيارڪار (جن کي هتي پٽيواري چيو وڃي ٿو)، زمين تي پنهنجو قبضو ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ ماڻهن جون جائز ملڪيتون کڻي وڃن ٿا، بغير ڪنهن شرم جي،هن چيو ته اسان جي جماعت (جي ڊي اي) اسان جي وڏن ٺاهي هئي. معظم عباسي صاحب ۽ صفدر عباسي به ان سان گڏ هئا. جڏهن اسان گڏ ويهي اهو محسوس ڪيو ته جي ڊي اي جو بنيادي انجن مسلم ليگ فنڪشنل آهي، ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط هلائڻ لاءِ اسان کي معظم عباسي صاحب جي ضرورت آهي، ته معظم عباسي صاحب اڄ جي دور ۾ ظلم خلاف بيٺل قيادت سان گڏ ٿي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿيا. اڄ اسان اهو پيغام ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ نڪتا آهيون،هن چيو ته جيڪڏهن ڪو زبردستي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو ته، الله جي فضل سان توهان ڄاڻو ٿا ته پير صاحب وٽ ايتري طاقت آهي جو جيڪڏهن اسان به زبردستي تي اچي وڃون ته سنڌ ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڪو به نه هوندو. پر اسان شرافت اختيار ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اڄ جو دور هٿيارن جو نه، بيلٽ جو آهي. تنهنڪري محنت سان، پاڪستان جي قانون جي اندر رهي، ظالم حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻي آهي،هن چيو ته .اسان جو ملڪ هر لحاظ کان خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيا آهيون. اڄ مظلوم ايران تي ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪو آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. اسان سڀني کي ايران لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، دعا ڪرڻ گهرجي، ۽ ايران جي عوام لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جنگ ۾ شامل نٿا ٿي سگهون ته به اسان کي انساني بنياد تي مدد ڪرڻ گهرجي، جهڙوڪ راشن، ڪپڙا، ۽ ضرورت پوي ته رت به عطيو ڪري سگهون ٿا، جيڪو زخمين جي علاج لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي ڳالهه تي ڪجهه ماڻهو حيران ٿيندا، ڇو ته مان اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان جيڪي سياست کان ٻاهر آهن، پر اهي ڳالهيون توهان جي دل ۾ به آهن، پر شايد توهان ظاهر نه ٿا ڪريو. مثال طور، ڪجهه وقت اڳ ڪجهه عالمن چيو ته ايران شيعه آهي ۽ هتي سني آهن. جيڪڏهن اسان اهڙين ڳالهين ۾ ڦاسي پونداسين ته خدا نه ڪري جيڪڏهن ايران کان پوءِ اسان جو وارو اچي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ تنهنڪري اسان کي فرقن کان مٿي ٿي ڪري امت جي ڀلائي لاءِ سوچڻو آهي،هن چيو ته اسان لاڙڪاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ به ماڻهن سان رابطو ۾ آهيون ۽ انهن سان محبت جو رشتو آهي. اسان ڪجهه دوستن کي عارضي طور وٺڻ چاهيون ٿا ته جيئن تنظيم سازي ۾ مدد ملي سگهي،هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اهڙا وزيراعظم به ڏٺا آهن جن تي ڪرپشن يا ظلم جا الزام نه لڳا، جهڙوڪ شاهد خاقان عباسي ، محمد خان جوڻيجو، ۽ ظفرالله خان جمالي. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ اهڙا اڳواڻ اچن جيڪي قرآن ۽ حديث جي تعليم تي هلن. جيڪڏهن اسان پاڻ کي رسول الله ﷺ جو عاشق سڏيون ٿا ته پوءِ اسان تي سنت اپنائڻ لازم آهي.اسان کي معاشري جي سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن کي “جهادِ اڪبر” چيو وڃي ٿو. جنگ ميدان ۾ وڙهڻ “جهادِ اصغر” آهي، پر معاشري کي بهتر ڪرڻ “جهادِ اڪبر” آهي.اسان کي عورتن جي ڀلائي لاءِ به خاص پروگرام ٺاهڻ گهرجن، ڇو ته ڪيترين عورتن سان معاشري ۾ ظلم ٿئي ٿو ۽ انهن جي حفاظت ضروري آهي.اسان کي پنهنجن يونين ڪائونسلن جي سطح کان ئي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.