تيل اگهه 200 ڊالر في بيرل ٿيڻ جي افواهن سبب دنيا ۾ ٿرٿلو

واشنگٽن(ع آ نيوز)آبناءِ هرمز جي بندش کانپوءِ عالمي تيل جي سپلاءِ ۾ کوٽ اٽڪل 11.1 ملين بيرل روزانو آهي، جڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات متبادل رستن ذريعي 10.9 ملين بيرل روزانو جو بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عالمي تيل جي سراسري سپلاءِ جنوري ۽ فيبروري 2026 ۾ 106.9 ملين بيرل روزانو هئي، پر بندش سبب 18.4 ملين بيرل روزانو جي گهٽتائي آئي آهي.بلوم برگ موجب، دنيا اڃا تائين صورتحال جي سنگيني کي مڪمل طور ناهي سمجهيو، آمريڪي سرڪاري عملدار ۽ وال اسٽرٽ جا تجزيي نگار هاڻي ان  تي غور ڪري رهيا آهن ته تيل جا اگهه غيرمعمولي طور 200 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهن ٿا، جيڪو عالمي معيشت لاءِ سنگين خطرو آهي. ڪيئي ماهرن 1970 واري ڏهاڪي جي تيل بحران جي ياد ڏياريندي چيو ته هرمز جي بندش هڪ وڏي عالمي بحران جو خطرو پيدا ڪري رهي آهي.ماهرن موجب، ايشيا ۾ ٻارڻ جي کوٽ اولهه ڏانهن پکڙجڻ جو خدشو آهي. عرب ميڊيا موجب، فلپائن ۾ 300 کان وڌيڪ پيٽرول پمپ بند ٿي چڪا آهن، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ فلپائن ۾ ٻارڻ جون قيمتون ٻيڻيون کان وڌيڪ ٿي ويون آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.