آمريڪا پاران خارگ ٻيٽ ۽ آبناءِ هرمز تي قبضي جون تياريون، زميني آپريشن تي به غور

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کي تقريبن هڪ مهيني کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، ايران اڃا تائين مقابلو جاري رکيو آهي، ۽ چيو وڃي ٿو ته هن جنگ ۾ ايران جو پلڙو ڳرو آهي. آبناءِ هرمز بند آهي، ايران وٽ اسٽاڪ جي کوٽ ناهي ٿي، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ اسٽاڪ گهٽ ٿي رهيو آهي.صدر ٽرمپ پاران  ايران جي توانائي تنصيبات تي سڌو حملو نه ڪرڻ جي اعلان  باوجود، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان حملن سان ايران جي مختلف پلانٽن کي نقصان پهچايو ويو آهي. گذريل رات تبريز شهر ۾ هڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملي کان پوءِ باهه لڳي. البرز صوبي ۾ به بجلي جو گرڊ متاثر ٿيو. ڪرج ۽ تهران جي ڪجهه علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل ٻن ايراني فيڪٽرين، پاور پلانٽس ۽ نيوڪليئر سائيٽن کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيل جي مطابق حملن لاءِ آمريڪا کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو.خبرن موجب ٽرمپ مختلف بيانن ۾ چيو آهي ته ايران جي تيل ۽ خاص طور تي خارگ ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو ايران جي تيل جي برآمدات لاءِ انتهائي اهم آهي. رپورٽن مطابق ايران جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو تيل خارگ ٻيٽ ذريعي نڪرندو آهي.اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن خارگ ٻيٽ تي قبضو ٿي وڃي ته به ايران جي تيل جي روانگي مڪمل طور تي بند نه ٿيندي، ۽ آبناءِ هرمز ۾ به صورتحال تبديل نه ٿيندي، ڇو ته ايران اتي به خطرو برقرار رکي سگهي ٿو.ٽرمپ اهو به چيو آهي ته هو ايران جو تيل حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن اڳ وينزويلا ۾ ڪيو ويو هو. رپورٽن موجب آمريڪا ايران ۾ زميني آپريشن تي به غور ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هزارين مرينز، خاص فوجي دستا ۽ پيراشوٽرز شامل ٿي سگهن ٿا.ٽرمپ جي بيانن ۾ تضاد به نظر اچي ٿو هڪ پاسي هو ڳالهين جو ذڪر ڪري ٿو، ٻئي پاسي ڌمڪيون ڏئي ٿو. وال اسٽريٽ جرنل ۽ نيويارڪ ٽائمز جهڙن ادارن مطابق آمريڪا ايران جي جوهري مواد (يورينيم) تي به قبضو ڪرڻ لاءِ فوجي آپشن تي غور ڪري رهيو آهي، خاص طور تي اصفهان جي علائقي ۾ موجود تنصيبات بابت.انهن رپورٽن مطابق آمريڪي فوج ڪيترن ڏينهن يا ڊگهي عرصي تائين ايران ۾ رهڻ لاءِ به تيار ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اهڙو آپريشن ڪيو وڃي. ان جو مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي.نيويارڪ ٽائمز مطابق ايران جي جوهري تنصيبات تي موجود مواد کي حاصل ڪرڻ يا تباهه ڪرڻ لاءِ به آپريشن جا آپشن غور هيٺ آهن. ساڳي وقت خارگ ٻيٽ يا هرمز آبنا جي حفاظت لاءِ به فوج استعمال ٿي سگهي ٿو.ٻئي طرف خبر آهي ته جي ڊي وينس آمريڪا جي امڪاني مستقبل جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون اچي رهيو آهي، ۽ ڪجهه تجزيا اهو به چون ٿا ته رپبلڪن پارٽي اندر هو ايندڙ صدارتي اميدوار ٿي سگهي ٿو.مختلف سروي موجب تقريباً 69 سيڪڙو ماڻهو ايران خلاف حملن جي حمايت نٿا ڪن.هڪ اقتصادي رپورٽ مطابق ايران پابندين باوجود تيل جي برآمد مان وڏي آمدني حاصل ڪري رهيو آهي. اندازي موجب ايران روزانو لکين بيرل تيل برآمد ڪري رهيو آهي، ۽ جنگ جي باوجود ان جي آمدني وڌي رهي آهي.رپورٽ موجب ايران جو تيل خفيه نظام، ترسيل ۽ فراهمي جي ذريعي عالمي مارڪيٽ تائين پهچي رهيو آهي، ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب ان کي وڌيڪ فائدو ملي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.