تيل مهانگو ٿيڻ سبب پاڪستاني معيشت تي سخت دٻاءُ

اسلام آباد(اسد علي طور)توانائي جو بحران تيزي سان وڌي رهيو آهي. عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي چڪيون آهن ۽ امڪان آهي ته 130 ڊالر تائين به پهچي سگهن ٿيون. پاڪستان لاءِ اهو وڏو مسئلو آهي، ڇو ته پاڪستان مهانگو تيل خريد ڪري ٿو.هن صورتحال ۾ پاڪستان جو تيل جو امپورٽ بل اربين ڊالر وڌي سگهي ٿو. حڪومت جي ترقياتي بجيٽ به متاثر ٿي رهي آهي، ڇو ته سبسڊين تي وڏو خرچ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن تيل ۽ ڊيزل جون قيمتون عالمي سطح مطابق پاڪستان ۾ لاڳو ڪيون وڃن ته عام زندگي تمام گهڻو متاثر ٿيندي.بجلي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيڻ جا امڪان آهن، ۽ ڪيترائي پاور پلانٽ جيڪي  ايل اين جي ، فرنس آئل ۽ ڊيزل تي هلن ٿا، انهن تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا جيڪڏهن پاڪستان خطي ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، ته ڇا ان جي بدلي ۾ ملڪ کي ڪو معاشي فائدو يا رليف ملندو؟ اهو مستقبل جو سوال آهي، جنهن جو جواب وقت ڏيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 31 مارچ  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.