ڀارت جي 25 ارب ڊالر ماليت جي دفاعي منصوبن جي منظوري

نئين دهلي (ع آ نيوز) ڀارت جي دفاعي خريداري ڪائونسل اٽڪل 25 ارب ڊالر ماليت جي دفاعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، جن منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي انهن ۾ وچولي درجي جا ٽرانسپورٽ جهاز، روسي ايئر ڊفينس سسٽم S-400 ۽ پائلٽ کانسواءِ حملا ڪندڙ جهازن جي خريداري شامل آهي. ڀارتي حڪومت موجب، دفاعي خريداري ڪائونسل ڀارتي فوج لاءِ ايئر ڊفينس ٽريڪڊ سسٽم، آرمر پئرسنگ ٽينڪ ايمونيشن، هاءِ ڪيپيسٽي ريڊيو رلي سسٽم، ڌنوش گن سسٽم ۽ رن وي انڊيپينڊنٽ ايئريل سرويليئنس سسٽم جي منظوري  ڏني آهي. رپورٽ موجب، ڀارتي ايئر فورس لاءِ وچولي درجي جي ٽرانسپورٽ جهازن، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ S-400 زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل سسٽم، پائلٽ کانسواءِ حملا ڪندڙ جهازن جي خريداري ۽ Su-30 جهازن جي انجڻن جي اوورهالنگ جون تجويزون پڻ منظور ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ ڀارتي ڪوسٽ گارڊ لاءِ هيڊي ڊيوٽي ايئر ڪشن گاڏين جي خريداري جي به منظوري ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.