سنڌ ۾ اڄ تيز هوا سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر پاران ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، هڪ نئين مغربي سسٽم جي اثر هيٺ اڄ 28 مارچ تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ هلڪي کان وچولي ۽ ڪٿي تيز برسات پئجي سگهي ٿي. موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته برساتي سسٽم رڳو ڪراچي تائين محدود نه رهندو، پر ٻهراڙيءَ وارن ضلعن خاص طور تي ڄامشورو، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪاري جو امڪان آهي. انتظاميا پاران وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ته برسات دوران تيز هوائون ۽ طوفان هلي سگهي ٿو، جنهن ڪري ڪمزور عمارتن، سائن بورڊن ۽ وڻن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برسات دوران آسماني کنوڻ کان بچڻ لاءِ کليل هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪن. هوڏانهن اڄ ڪراچي ۾ موسم گرم رهڻ ۽ اس نڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.