ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ ارشاد حسين جي عدالت ڊفينس علائقي مان هڪ عورت کي اغوا، زيادتي ۽ قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار فياض کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت جوابدار تي 2 لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته جرماني جي رقم مقتولا جي وارثن کي ادا ڪئي وڃي. ٻئي طرف، عدالت ثبوتن جي کوٽ سبب ڪيس ۾ نامزد شريڪ جوابدار نسرين کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نسرين خلاف ڪو به پختو ثبوت نه مليو آهي ۽ صرف شريڪ جوابدار جي بيان تي سزا نٿي ڏئي سگهجي. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار فياض نومبر 2020 ۾ ڊفينس فيز 7 مان انصار بي بي کي لالچ ڏئي اغوا ڪيو ۽ ابراهيم حيدري کڻي ويو هو، جتي هن عورت سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس چاقو سان قتل ڪري ڇڏيو هو. واقعي جي هڪ مهيني بعد مقتولا جو لاش مليو هو، جنهن جو ڪيس گزري پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو.