وياج شرح گهٽجڻ جا امڪان ختم، جنگي صورتحال ۽ تيل جا اگهه وڏي رنڊڪ

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ملڪ جي مالي ماهرن ۽ معاشي حلقن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ وياج شرح جو سنگل ڊيجٽ ۾ اچڻ جا امڪان في الحال ختم ٿي ويا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاليسي ريٽ جو سڌو سنئون تعلق عالمي جنگي صورتحال، خاص ڪري وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن سان آهي، جن ۾ لاڳيتو لاهي چاڙهي سبب وياج شرح گهٽائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 27 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وياج شرح بابت اهم فيصلو ڪيو ويندو. ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ هن وقت شرح سود 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکي آهي، پر مانيٽري ڪميٽي جي 10 ميمبرن مان 2 ميمبرن شرح سود ۾ وڌيڪ واڌ جي تجويز ڏني هئي. مالي ماهرن موجب، ملڪي معيشيت جي موجودہ صورتحال ۽ عالمي دٻاءُ کي ڏسندي، اهي امڪان وڌي رهيا آهن ته ايندڙ اجلاس ۾ شرح سود يا ته برقرار رکي ويندي يا   وري ان ۾ معمولي واڌ ڪئي ويندي. ڪجهه ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هنگامي صورتحال جي ڪري اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جو اجلاس 27 اپريل کان اڳ به گهرائي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.