تل ابيب / واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) اسرائيلي فوج کي هن وقت اهلڪارن جي کوٽ جو شڪار آهي، جنهن تي آرمي چيف خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيلي آرمي چيف اعليٰ اختيارين کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن تي جنگ وڙهڻ سبب فوج ۾ افرادي قوت کٽي رهي آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن اها کوٽ پوري نه ڪئي وئي ته فوج اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به معمولي مشن يا وڏي جنگي تياريءَ جي لائق نه رهندي. ٻئي طرف، آمريڪي فوج پڻ افرادي قوت جي بحران مان گذري رهي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي دفاعي کاتي انوکا فيصلا ڪيا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب، هاڻي فوج ۾ ڀرتي لاءِ عمر جي حد 35 سالن مان وڌائي 42 سال ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، اهي ماڻهو جيڪي منشيات جي استعمال جي الزام ۾ هڪ ڀيرو گرفتار ٿي چڪا آهن، انهن کي به فوج ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان دوران پينٽاگون وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ 10 هزار فوجي خطي ۾ موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب وائيٽ هائوس ان حوالي سان ايندڙ هفتي فيصلو ڪندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته اها وڏي مقرري ايران جي اندر زميني فوج لاهڻ جي تيارين جو حصو ٿي سگهي ٿي، ته جيئن امڪاني جنگ جي صورت ۾ ايران جي اندر اهم حدفن تي قبضو ڪري سگهجي.