ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي خاص اجازت ڏئي ڇڏي.
شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جو جهاز ملتان ۽ چارٽر جهاز آبناءِ هرمز مان ٻاهر نڪري آيا، چارٽر جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا 8 ڪروڙ ليٽر ڪچو تيل ڀريل آهي، ٻئي جهاز 31 مارچ تي پاڪستان پهچندا.
ٻئي جهاز جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ نار فارس ۾ ڦاٿل هئا، ٻنهي جهازن ڪالهه نار ملڪن ڀرسان هرمز جو سفر شروع ڪيو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به آبناءِ هرمز مان پاڪستاني جهاز گذري آيا آهن، جن کي ايران خاص اجازت ڏني هئي.
You might also like