وچ اوڀر ڇڪتاڻ: سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير 29 ۽ 30 مارچ تي پاڪستان جو دورو ڪندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي ميزباني جي تصديق ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير سڀاڻي اسلام آباد ۾ ملندا، ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ايندڙ ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان به ملندا.
هن ٻڌايو ته اسان جي ملاقات ترڪي ۾ طئي هئي، مصروفيتن سبب مان ڀائرن کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ سمورا دوست ملڪ به سهڪار ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن پر ميڊيا کي ٻڌائڻ کان پاسو پيا ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.