اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ مراد سعيد کي سينيٽ جي رڪنيت لاءِ نااهل قرار ڏيندي کيس ڊي نوٽيفائي ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مراد سعيد کي دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت راولپنڊي پاران 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس نااهلي آئين جي آرٽيڪل 63 (1) (h) جي تحت عمل ۾ آئي آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مراد سعيد جي نااهلي کانپوءِ خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي جنرل نشست خالي ٿي وئي آهي. ياد رهي ته مراد سعيد پي ٽي آئي جو متحرڪ اڳواڻ رهيو آهي پر عدالت پاران سزا ملڻ بعد اليڪشن ڪميشن کيس ايوان جي رڪنيت لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
ڪراچي جي مختلف علائقن مان ٻه لاش هٿ، هڪ ڪرنٽ سبب فوت
ڪراچي (رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن مان ٻن شخصن جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته برساتي پاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي. پهرئين واقعي ۾ ڪورنگي ڪازوي ندي مان هڪ 35 سالن جي شخص جو 8 ڏينهن پراڻو ٻڏل لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ٻئي واقعي ۾ ملير سٽي جي مومن آباد فيز ون مان 31 سالن جي نوجوان بلال ولد محمد شفيق جو ٽي ڏينهن پراڻو ڦندو لڳل لاش گهر مان مليو. پوليس موجب نوجوان نشي جو عادي هو ۽ هن ڪمري کي اندر کان ڪڙو چاڙهي خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن سلطان آباد چيني گودام ويجهو برساتي پاڻي سان ڀريل کڏ مان گذرندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ 40 سالن جو شخص فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس سمورن واقعن جي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.