واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري جنگ کي ايندڙ 4 کان 6 هفتن اندر ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ پنهنجي مشيرن کي ٻڌايو آهي ته هو هن تڪرار کي وڌيڪ ڊگهو ڪرڻ نٿو چاهي ۽ مئي ۾ بيجنگ ۾ ٿيندڙ اهم سربراهي اجلاس کان اڳ معاملو نبيرڻ جو خواهشمند آهي. آمريڪا پاران ايران کي پيش ڪيل تجويزن ۾ يورينيم جو ذخيرو ختم ڪرڻ، بيلسٽڪ ميزائل پروگرام محدود ڪرڻ ۽ حوثي، حزب الله توڙي حماس جهڙن گروهن جي حمايت بند ڪرڻ جا مطالبا شامل آهن. وائيٽ هائوس انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ايران اهي تجويزون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وچڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پڻ سامهون آئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا هڪ طرف فوجي موجودگي وڌائي رهيو آهي ته ٻئي طرف سفارتڪاري جا دروازا به کليل رکيا آهن.