عمان کان پيٽرول جا وڌيڪ ٻه ڪارگو درآمد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) عمان پاڪستان جي توانائي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ملاقات دوران عمان جي سفير فهد  بن سليمان بن خلف چيو ته عمان پاڪستان کي پيٽروليم مصنوعات جي ترجيحي فراهمي واري درخواست تي هاڪاري انداز ۾ غور ڪندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي تڪرار کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تيل جي درآمد لاءِ متبادل رستن ۽ ذريعن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مارچ جي مهيني ۾ عمان جي بندرگاهن تان پيٽرول جا ٽي ۽ ڊيزل جو هڪ ڪارگو پهچي چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ٻه ڪارگو جلد روانا ٿيندا. پي ايس او ۽ عمان ٽريڊنگ جي وچ ۾ اضافي تيل جي فراهمي لاءِ تعميري ڳالهين جو سلسلو پڻ جاري آهي ته جيئن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اڻتڻ کان بچي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.