حڪمرانن کي عيش عشرت بند ڪرڻ گهرجي:حافظ نعيم

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪومت کان سرڪاري فائدن ۽ خرچن ۾ فوري طور تي گهٽتائي  جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عالمي جنگ جي صورتحال جا اثر عوام ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن جڏهن ته حڪمران طبقو پنهنجي عيش عشرت کي برقرار رکي رهيو آهي. منصوره مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته علامتي ۽ نمائشي قدمن سان عوام کي ڪو به رليف نه مليو آهي، بلڪه پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ مهانگائي جي بار کي وڌيڪ وڌايو آهي. هن چيو ته ليوي جو پيٽرول جي اصل قيمت سان ڪو به تعلق ناهي، پر ان حوالي سان غريب ۽ وچولي طبقي کي ساليانو تقريباً 900 ارب رپيا ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاءِ خريد ڪيل عيش عشرت واري جهاز ۽ چيئرمين سينيٽ لاءِ مهانگي ڪار تي به سخت اعتراض ڪيو. ۽ مطالبو ڪيو ته انهن اثاثن کي فوري طور تي وڪرو ڪيو وڃي ۽ پئسا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن.هن چيو ته پنجاب حڪومت کي وزيرن ۽ بيوروڪريٽس لاءِ نئين گاڏين جي خريداري کي فوري طور تي بند ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.