وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 100 ارب رپين جي ڪٽوتي، ڪاٿو 900 ارب مقرر

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ملڪي مالي ضرورتن ۽ ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي وفاقي ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) مان 100 ارب رپين جي وڏي ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو آهي. منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هن ڪٽوتي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزارت پاران ترقياتي منصوبن جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 1000 ارب مان گهٽجي 900 ارب رپيا رهجي ويو آهي. حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ باوجود عوام تي بار وجهڻ بدران 72 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، جنهن جو مالي پورائو ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ذريعي ڪيو ويندو. وزيراعظم اڳ ئي واضح ڪري چڪو هو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي خاطر ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي ته جيئن ملڪي مالي نظم و ضبط برقرار رهي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.