پاڪستان وٽ ٽياڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي:فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده عالمي صورتحال ۽ خطي جي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان وٽ ٽياڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلامي دنيا مسلسل بحرانن ۽ جنگي ماحول جو شڪار آهي، جنهن ڪري هڪ واضح قومي پاليسي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان انڪشاف ڪيو ته هن پارليامينٽ جو ان ڪيمرا  اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي ته جيئن گڏيل مشاورت سان مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عراق ۽ ليبيا کانپوءِ ايران جون حالتون به ڳڻتي جوڳيون آهن، تنهن ڪري مسلم ملڪن کي اسلامي بلاڪ جي طرف وڌڻ گهرجي. مقامي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن بشمول ڊي آءِ خان، لڪي مروت ۽ ٽانڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ حڪومتي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.