قبيلائي تڪرار سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن:ڪاشف شيخ

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار هڪ ناسور جي صورت اختيار  ڪري چڪا آهن. حڪومت تڪرار ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ڌاڙيل راڄ کان وٺي قبيلائي تڪرار تائين، ڌرين کي حڪومت ۾ ويٺل بااثر شخصيتن جي سرپرستي حاصل آهي. پوليس جو خاموش تماشائي ڪردار به جوابدارن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري ۾ تڪرار جو خاتمو سٺو سنوڻ آھي، جنهن ۾ ٻنهي برادرين جا 46 ماڻهو مارجي ويا ھئا. سمارٽ لاڪ ڊائون مسئلي جو حل ناهي. ان ۾ به غريب ۽ مسڪين سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. تنهن ڪري، حڪومت عوام تي سڄو بار وجهڻ بدران، سادگي ۽ ڪفايت شعاري جون پاليسيون اختيار ڪري، وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ ڪيل واڌ کي واپس وٺي، ڪرپشن ۽ عيش عشرت وي آء پي پروٽوڪول ختم ڪيو وڃي. هن  هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ طرف عوام تي مسلسل ٽيڪسن جو بار وجهي جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻئي طرف وري چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني لاءِ سرڪاري خزاني مان تقريبن 90 ملين رپين جي نئين ڪار خريد ڪرڻ ۽ نواز شريف جي ڌيءَ، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاءِ ٻن پرڏيهي پائلٽن سان گڏ 11 ارب رپين جي جهاز جي خريداري جو انڪشاف قومي خزاني جي لٽ مار آهي ۽ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي. صوبائي امير زور ڏنو ته سنڌ حڪومت قبائلي تڪرارن کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ، حڪومت جي رٽ بحال ڪرڻ ۽ عوام  جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.