ابوظهبي (م ڊ) گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ بيلسٽڪ ميزائل جو ملبو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ پاڪستاني سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. اماراتي اختيارين موجب فضائي دفاعي نظام هڪ خطرناڪ ميزائل کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.، پر ان جو ملبو سوئيجان واري علائقي ۾ ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون پڻ تباهه ٿي ويون. پاڪستاني سفارتخاني واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي پنهنجي شهري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته فوت ٿيل شخص جي ميت کي جلد پاڪستان موڪلڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ياد رهي ته متحده عرب امارات تي جاري حملن ۾ فوت ٿيندڙ غير ملڪين جو انگ هاڻي 10 تائين پهچي ويو آهي، جنهن تي عالمي سطح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.