ڪراچي(رپورٽر )آءِجي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران پوليس کاتي ۾ وڏي پيماني تي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هيٺين آفيسرن کي نيون ذميواريون سونپيون ويون آهن. ڊاڪٽر سميع الله سومرو (BS-19) ايس ايس پي خيرپور کي تبديل ڪري ايس ايس پي بدين مقرر ڪيو ويو آهي. ساجد امير سدوزئي (BS-19) پرنسپال شاهد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد کي تبديل ڪري ايس ايس پي ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن (ر) امير سعود (BS-18) ايس ايس پي دادو کي تبديل ڪري ايس ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين (BS-18) ايس پي اسپيشلائزڊ انويسٽيگيشن يونٽ (SIU) ڪراچي کي تبديل ڪري ايس ايس پي دادو مقرر ڪيو ويو آهي. تنوير احمد طاهر (BS-19) اي آئي جي (ليگل) CPO سنڌ کي تبديل ڪري اي آئي جي (اسٽيبلشمينٽ-I) مقرر ڪيو ويو آهي، هو اسٽيبلشمينٽ-II جو واڌو چارج پڻ سنڀاليندو. قمر رضا جسڪاڻي (BS-19) جيڪو رپورٽنگ جي انتظار ۾ هو، تنهن کي اي آئي جي (ليگل) CPO سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.